بوزدار پاران 5 ڪروڙ رشوت جو الزام رد، ڪجهه غلط ناهي ڪيو

بوزدار پاران 5 ڪروڙ رشوت جو الزام رد، ڪجهه غلط ناهي ڪيو

لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جو وڏو وزير عثمان بُزدار نيب آڏو پيش، نيب لاهور جي آفيس ۾ نيب طرفان پنجاب جي وڏي وزير کان هڪ هوٽل يونيڪورن کي شراب خاني جو غيرقانوني طور لائسنس جاري ڪرڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. نيب چيو ته اوهان پي ٽي ڊي سي جي اجازت بنا ۽ 2009 ۾ وڏي وزير جي ڪيل فيصلي جي ابتڙ لائسنس جاري ڇو ڪيو. هن چيو ته غير قانوني ڪم ناهي ڪيو، ڪجهه معاملن جي خبر ناهي پڇي جواب ڏيندس. نيب وارن کيس چيو ته اوهان فيملي جي سمورن ميمبرن جي اثاثن جي لسٽ 18 آگسٽ تائين جمع ڪرايو.

کائنس ٿيل ابتدائي پڇا ڳاڇا بعد نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين نيب کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ سندس هدايتن جي روشني ۾ ڪاروائي اڳتي وڌائي ويندي. ياد رهي ته مٿس 5 ڪروڙ رشوت وٺي لائسنس جاري ڪرڻ جو الزام هو جنهن جو هن انڪار ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو