مرزا گروپ پاران بدين ۾ وڻڪاري جي مهم شروع

ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميده مرزا جي هدايتن تي مرزا گروپ پاران بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي آهي. وڻ لڳائڻ واري مھم ۾ مرزا گروپ جي اڳواڻن مير لکي جمالي، محمد هاشم سمون، فيصل چيما،مختيارکوسو، دلبر سنڌي، ڊاڪٽر عزيز ۽ رفيق سمون سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڀرپور حصو وٺندي ضلعي بدين جي مختلف علائقن ۾ ھڪ هزار کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويا۔ مرزا گروپ جي اڳواڻ فيصل چيما ´´ سنڌيار “ سان ڳالهائيندي چيو ته وڻ سٺي ۽ صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ لاء انتهائي ضروري آھن۔هن چيو ته مرزا گروپ پاران بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ اڃا وڌيڪ هزارين وڻ لڳايا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو