ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي آڊٽ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل سمورن ڪيسن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرکي ملزم نامزد ڪيو وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ واري ڪيس ۾ اڱاري تي چيف ايگزيڪيٽو کي طلب ڪيو هو. ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ نيپرا جا نمائندا به پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي سربراهه کي جيل ۾ وڃڻ گهرجي، هنن ارٿ وائر ڪٽي ڇڏي آهي، عدالت نيپرا جي نمائندي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ تي جيترو ڏنڊ هڻي سگهو ٿا اهو هڻو. چيف جسٽس چيو ته شاهراهه فيصل تي بجلي نه هئي ماڻهو گهرن ٻاهران ويٺا هئا، عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان به ڪراچي جا شهري آهيو، 21 ماڻهو مري ويا آهن اوهان غير ملڪي ڪمپني مالڪن جي سهولت لاءِ اسٽي ٿا کين وٺي ڏيو. عدالت چيو ته غير ملڪين جي ذهنيت سمجهو ٿا، هو اسانکي غلام ٿا سمجهن، هنن جي اٺُ جي قيمت به پاڪستاني کان مٿي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته گذريل 10 سالن ۾ 25 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. جنهن تي عدالت سي اِي او کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪراچي وارن کي ڀاشن نه ڏيو، شهر ۾ ڪٿي به هڪ منٽ به بجلي بند نه ٿيڻ گهرجي. وڪيل چيو ته جتي ڪا خرابي هوندي آهي ته بجلي بند ٿيندي آهي. سي اِي او چيو ته مان ڪراچي جو آهيان مونکي احساس آهي، عدالت چيس ته ڪو احساس ناهي، اوهان جي ڪمپني ڊفالٽر آهي، ننڍن گهرن ۾ بجلي بند ٿيڻ تي عورتون بدعائون ڏين ٿيون.
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کانپوءِ چيني سيڙپڪاري واڌ جو امڪان
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پاڪستان ۾ اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال
حڪومت اٽو پرڏيهه مان برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب بابت ڪا به خبر نه هئي، ان ڪري صدمي ۾آهن
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالن جي منظوري
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ مريم نواز ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو
ايجنسين جي مداخلت، فل ڪورٽ اجلاس بنا فيصلي ختم، سڀاڻي وزيراعظم ملندو
پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان آهي: خواجا آصف
اي آءِ جو استعمال ڪري نئين طريقي سان فراڊ شروع
پنجاب مان 2 پي ٽي آءِ سينٽرن سميت 7 بنامقابلي ڪامياب