منشيات وڪرو ڪندڙن کي معاف نه ڪبو، سيٺار

ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺيار جو نيشنل پريس ڪلب بدين جو دورو ڪيو، انهي موقعي تي صدر نيشنل پريس ڪلب نفيس الرحمان ميمڻ، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار شام ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي بدين چيو ته بدين ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن، ايس ايڇ او بدين انور لغاري ۽ اسپيشل برانچ انچارج اي ايس آئي گل حسن لغاري تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بدين ۾ خودڪشين جا واقعا وڌيڪ ٿين ٿا، بدين جو عوام افواهن تي ڪن نه ڏي منشيات فروش ڪير به هجي بخش نه ڪيو ويندو، انهي موقعي تي پي آر او عزيز منڌرو، ايس ايڇ او بدين انور لغاري ۽ سٽي انچارج سالم کوسو پڻ موجود هئا، انهي موقعي تي ايس ايس پي بدين کي نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو