سنڌ ورهائڻ جي ڪنهن جي پيءُ کي به طاقت ناهي، ڌامراهه

دادو(ن سنڌيار) پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه دادو پريس ڪلب ۾ ڳالھائيندي چيو ته ڪنهنجي پيءَ کي به طاقت ناهي جو هو سنڌ ورهائي ۽ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪري، هن چيو ته پهريان ايم ڪيو ايم جو اهو خواب هو هاڻي ٻين جو خواب آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پورو نه ٿيندو هن چيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، موسميات کاتي بلوچستان کان ايندڙ برساتي ٻوڏ بابت پهريان ڪوبه الرٽ جاري نه ڪيو هو جنهن سبب ڪاڇي ۾ وڏي تباهي آئي ۽ وڏو نقصان ٿيو هن چيو ته گاج ۾ 22 فوٽ پاڻي آيو جنهن ايف پي بند کي نقصان رسايو ۽ آر ڊي 44 کان گهارو لڳو جيڪو اڄ بند ڪيو ويو جيڪي ننڍا ننڍا گهارا لڳا آهن انهن لاءِ به مشينري پهچائي وئي آهي، هن چيو ته ڪاڇي جي ماڻهن جي مدد جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جوهي جي ٻڏڻ جو خطرو ٽري ويو آهي باقي جوهي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم متاثر ٿي آهي جنهن سبب جوهي جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ ميونسپل ڪاميٽي کي چيو آهي جيڪي ٽينڪرن ذريعي پاڻي جي فراهمي جلد يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن انهن کي ڪڍڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي هنن کي راشن ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن هن چيو ته ڪاڇي ۾ مالي نقصان وڏو ٿيو آهي الله خير ڪيو آهي ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي، پاڪ فوج جا جوان ريسڪيو جو ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي آئي جا ڪجهه اسٽيج ڊرامو ڪندڙ ادارا جوهي جي ڪاڇي ۾ آيا هئا ۽ اهو فوٽو سيشن ڪري هليا ويا، ان کان اڳ  دادو پريس ڪلب پاران مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ٽوپي صدرصابر ڀنڊ ۽جنرل سيڪٽري طارق لغاري کين اوڍائي ساڻس گڏ پ پ اڳواڻ دوست علي جيسر ۽ غلام شبير ابڙو به هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو