هاف فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

هاف فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

جروار(محمد بخش گبول)گهوٽڪي پوليس هٿان مبينه هاف فرائي ٿيل جروار واسي ڳوٺ ڀڙي گبول جو رهواسي نوجوان عبدالرحيم گبول جي وارثن ۽ گبول برادري  پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ماٿيلو چوڪ کان خليل احمد گبول قدير گبول عبدالغفار گبول ڪوڙو گبول صفت علي گبول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا جروار پريس ڪلب وٽ پهتي ريلي ۾ شامل ماڻھن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جنن تي گهوٽڪي پوليس خلاف نعره لکيل هئا مظاهرين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي پوليس بنا جواز نوجوان کي گوليون هڻي سڄي حياتي لاء معذور بڻائي ڇڏيو آھي اسان جي نوجوان مٿان اگر ڪو ڪيس هيو ته پوليس قانون جي دائري ۾ رهي ڪاروائي ڪري ها باقي نوجوان کي هاف فرائي ڪري سڄي عمر لاء معذور بڻائيندڙ  پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي ظالم اهلڪار ڪنهن ٻئي نوجوان جي زندگي تباھ نه ڪن جيتري تائين اسان سان انصاف نه ٿيندو ۽ انهن اهلڪارن خلاف ڪاروائي نه ٿيندي ايتري تائين انصاف لاء اسان جو پر امن احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو