ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) وفاقي سرڪار پاران عوام کي سستي شين جي فراھمي لاءِ قائم ڪيل يوٽيليٽي اسٽورن تان گذريل تقريبن هڪ مھيني کان کنڊ ۽ اٽي جي فراھمي نه ٿيڻ ڪري وفاقي سرڪار پاران عوام کي رليف ڏيڻ واريون دعوائون اڌوريون رھجي ويون آھن. جنھن سبب عام مسڪين ماڻھو سميت مزدور، پورهيت طبقو سخت پريشان آھي. ٽنڊوباگو شھر سميت بدين ضلعي جي مختلف شھرن کوسڪي، شادي لارج، پنگريو، نندو، ڪڍڻ، گولاڙچي، تلھار، ماتلي، راڄو خاناڻي ۾ قائم ڪيل سرڪاري يوٽيليٽي اسٽورن تان کنڊ ۽ اٽو اڻلڀ ٿيڻ ڪري شھر جي مارڪيٽن مان في ڪلو کنڊ 68 بجائي واپارين في ڪلو کنڊ تي 32 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، ھن وقت بدين ضلعي ۾ کنڊ جو في ڪلو 100 رپيا سري عام وڪرو جاري آھي. جڏھن ته بدين جي انتظاميا عوام کي رليف ڏيارڻ بجاءِ غائب ھئڻ ڪري واپارين کنڊ سميت اٽي جي اگھن ۾ پڻ واڌ ڪندي ڪڻڪ جو اٽو في ڪٽو 1820 رپين وارو ھن وقت 580 رپيا هٿرادو واڌ ڪري 2400 سو رپيا ڪٽو وڪرو ڪري رهيا آهن. عام دڪانن تي اٽو في ڪلو 45 کان 48 وارو ھن وقت 60 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته چانورن جو اٽو 60 رپيا في ڪلو وارو 90 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آھن ان کان سواءِ ٻه نمبر وارو کاڄرو تيل 140 رپين وارو 190 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. جنھن ڪري مسڪين پورھيت سٽجي رھيا آھن. ليڪن ضلع جي انتظاميا اگھن تي ڪنٽرول لاءِ ڪٿي به نظر نٿي اچي. ھڪ دڪاندار پنھنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو ته انتظاميا صرف سال ۾ ھڪ ڀيرو رمضان شريف جي مهيني ۾ شين جي لسٽ سميت پاڻ به ظاهر ٿيندي آھي، باقي سال جا 11 مھينا شين جي اگھن سميت پاڻ به غائب رهندي آھي. ٻئي پاسي سماجي ڪارڪنن وڪيل مصطفي شاھ ۽ ڊاڪٽر ڪاشف خاصخيلي ´´ سنڌيار “ سان ڳالھائيندي چيو ته اھم شيون رات جي پيٽ ۾ يوٽيلٽي اسٽور وارا يا ته پنهنجن من پسند ماڻھن کي يا وري دڪاندارن کي ٿوري منافعي ملڻ تي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا۔ اٽو ۽ کنڊ جا ھٿرادو ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن دڪاندارن ۽ ڪارخاني وارن انتظاميا جي ڪٿي به رٽ نظر نٿي اچي يوٽيلٽي اسٽور ٽنڊوباگو جي عوام لاء بلڪل بي لاڀ بڻيل آھي اسان ڊي سي بدين صاحب ۽ اي سي ٽنڊوباگو کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري نوٽيس وٺي ريٽ لسٽ جاري ڪري ان موجب اگهه مقرر ڪرايا وڃن ۽ يوٽيلٽي اسٽور تي عام واھپي جي شين کي يقيني بڻايو وڃي.










