برسات جا راڱا، ڪراچي ۾ 14 بلوچستان ۾ 3 فوت، پليون لڙهي ويون

ڪراچي (نمائندن وٽان) چوماسي جي چوٿين سلسلي جي بارش سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بارش ۽ گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ، بتيون ۽ ڇتون ڪرڻ ۽ نالن ۾ ٻڏڻ جي واقعن ۾ گذريل 3 ڏينهن دوان 14 ماڻهو ڪراچي ۾ فوت ٿي ويا آهن. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ٽنهي وڏن نالن جي صفائي جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ 42 جاين تي نالا چوڪ ٿيل هئا جن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، فوج سول انتظاميه سان گڏ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهي.

Photo Twitter

ڪراچي ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ بارش سرجاڻي ٽائون ۾ ٿي جيڪا 41.6 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. بارشن سبب حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 8 فٽ بلن ٿي آهي ۽ ڊيم ۾ 320 فٽ کان مٿي پاڻي آهي ۽ اهو 2022 تائين ڪراچي کي هن ڊيم مان ملندڙ روزانو پاڻي جي برابر آهي.

Alkhidmat rescue work, Photo Twitter

بارشن سبب بلوچستان ۾ به وڏي تباهي آئي آهي. ڪوهلو واري روڊ تي سوناري پل لڙهي وئي جنهن سبب ڪوئٽا ۽ سبي سان ڪوهلو جو رستو ڪٽجي ويو آهي. مستونگ، هرنائي، خضدار، نوشڪي لورالائي ۽ ڍاڍر جي ندين نالن ۾ چاڙهه آهي.

Photo Twitter

ڪيترائي جانور ۽ ٻار لڙهي ويا آهن. مڪران ڪوسٽل هاءِ وي کي 30 فٽ گهارو پئجي ويو آهي. صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي موجب هن مهل تائين 3 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو