ڪاڇو به بارش ۾ ڦاٿو، 50 سالن جو رڪارڊ ٽوڙ پاڻي، سوين ماڻهو ڦاٿل

ڊرگهه بالا (محمد اسماعيل لانگاهه)ڪاڇي جي کيرٿر پٽي تي تيز بارش پوڻ سبب نئين گاج سونامي جون لهرون هڻندي لهي پئي پوري علائقي جي هزارين ايڪڙن تي قائم تاريخي ڳوٺن کي گاج جي پاڻي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ٻوڏ واري صورتحال, علائقي واسين ۾ خوف, تفريحي ماڳ گورک هل ويندڙ ڪيترائي سياح ڦاسي پيا واهي پانڌي ڊرگهه بالا روڊ وٽان پاڻي اوور ٽاپ روڊ ٽُٽي پيا پاڻي جوهي ايف پي بند سان ٽڪرائجي ويو.

Photo Sindhyar, many villages under rain water in Kasho Sindh

 شهرن جو ھيڊ ڪواٽر دادو جوھي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو, نئين گاج وھي اچڻ سبب ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن محمد حسن گرماڻي. ٽٻائي لنڊ. فقير محمد لنڊ. پوٺو لنڊ. چاڪر ڪوٽ. ڪيٽي سجاول. واھي برادي. جيئنديرو چانڊيو. اسماعيل لغاري. جعفر خان لنڊ ننگر داريو, شير محمد ٽالپر , فتح بروهي, سول , ڇڊي, ڪنڊو ٻٻر راڄو ڳنڍو,  ۾ نئين گاج جو پاڻي داخل ٿي ويو گهر ڊهي پيا متاثر ماڻھون پاڻي ۾ ڦاٿل کين نڪرڻ محال ٿي ويو, رات اڍائي بجي ڌاري نئين گاج جو پاڻي اچڻ رات هجڻ سبب پنهنجي آبادين لاء هنيل ٽيوب ويلن تي ويل علائقي واسي نڪري نه سگهيا ۽ پاڻي ۾ مسلسل چاڙھ سبب وڌيڪ ڳوٺن کي به شديد خطرو, انتظاميه پاران ريسڪيو جا انتظام نه ٿيڻ ڪري هزارين ماڻھون پاڻي سبب ڦاٿل آهن.

Photo Sindhyar, People are migrating after rain water entered in villages

جنهن ۾ عورتون مرد ٻارڙا به شامل آخري اطلائن تائين ڪي به امدادي ڪاروايون شروع نه ٿي سگهيون ٻي طرف بلوچستان خضدار مان ايندڙ پاڻي جي وهڪرن سان وڌيڪ حالتون خراب ٿيڻ جو خدشو تعلقي جوهي ايف پي بند تي پاڻي جو دٻاءُ جاري جوهي لاءِ الرٽ وڏي تباهي جو خطرو موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو