پوڻا تيرنهن لک ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ لاءِ اهم اجلاس

سکر(بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ 15 آگسٽ کان 20 آگسٽ 2020 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ جي سلسلي ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر، ڊي ايڇ اوز، پي پي ايڇ آءِ، آءِ ايچ ايس، پوليس، يونسيف، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن ۽ سپروائيزرز جي تربيت معياري ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪورونا اڃا ختم ناهي ٿيو ڪيسن ۾ گهٽتائي ضرور ٿي آهي پر سسٽم  ۾ وائرس موجود آهي ان لاءِ اسان کي مڪمل احتياط کان ڪم وٺڻُ آهي ان سلسلي ۾ ويڪسينيٽرز ۽ ٽيمن جي باضابطه طور تي مشقون ڪرايون وڃن ته جيئن ڪنهن به غلطي جي گنجائش نه رهي. هن چيو ته پوليو ٽيمن کي هينڊ گلووز، فيس ماسڪ، سينيٽائيرز ٽارگيٽ جي حساب سان مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڪنهن ٻار کي پوليو وائل جو ڊراپر ڇُهي وڃي ته اُهو ڊراپر فوري طور تي تبديل ڪيو وڃي، اهڙ ريت سماجي وٿي کي يقيني بڻايو وڃي ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن کي لکت ۾ هدايت ناما جاري ڪيا وڃن ته اُهي ڪورونا جي علامتن جي مريضن وارن محلن يا علائقن جي نشاندهي ڪري تعلقه سطح تي اطلاع ڏين ته جيئن انهن علائقن ۾ ڪورونا جون ٽيسٽون ٿي سگهن. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته پوليو مهم دوران خيال رهي ته ڪووڊ 19 ٽيسٽ پازيٽو ايندڙ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا 14 ڏينهن لاءِ پُٺتي ڪن جڏهن ته گهر ۾ ڪوئي ڪووڊ جو مريض يا علامتون هجن ته احتياط کان ڪم وٺندي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن. ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر هدايت ڪئي ته وڏي عمر وارن ۽ بيمار اسٽاف جي تبديلي لاءِ اسپيئر پول ٺاهيو وڃي جڏهن ته ليڊر ورڪرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اين جي اوز جي تربيت يافته اسٽاف جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. ڪمشنر سکر ان موقعي تي پوليو مهم جي مانيٽرنگ ۽ سرويلينس کي بهتر بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کان اڳ ٽاسڪ فورس ڪوآرڊينيٽر اڪبر گهانگهرو اجلاس کي ٻڌايو ته سکر ڊويزن ۾ ايندڙ پوليو مهم دوران 12 لک 70 هزار 7 سئو ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. يو سي ايم اوز جي تربيت ٿي چڪي آهي جڏهن ته ايريا انچارجز جي ٽريننگ هلندڙ آهي. اهڙي ريت ڪووڊ ايس او پيز تي عملدرآمد کي سامهون رکندي روزانو بنيادن تي يوسي سطح جي اجلاسن کي محدود ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ پوليو جي خاتمي واري ڪميٽي جي گڏجاڻي به هر ٻئي ڏينهن منعقد ٿيندي، جڏهن ته پوليو ٽيم کي 5 فيس ماسڪ ۽ هڪ سينيٽائيزر ڏنو ويندو هن ڀيري پوليو وائل سان گڏ ايڪسٽرا ڊراپر پڻ فراهم ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو