شهر ۾ پاڻي بيٺل، شهري پريشان، سرڪاري مشينون زمين تي رڌل

ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون )کوسڪي ۾ برسات انتظامياجا پول پڌرا ڪري ڇڏيا پاڻي جي نيڪال جو نظام ناڪاره، پاڻي بازارن ۽ گھرن ۾ داخل شھري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا. سماجي اڳواڻ  عبد الصمد کوسو ´´ سنڌيار “ سان ڳالهائيندي چيو ته کوسڪي شھر جي آبادي 30 هزار کان وڌيڪ آھي ۽ 09 وارڊن تي مشتمل آھي جنهن جي هر وارڊ جي ماهوار بجيٽ 05 کان 07 لک روپين تائين آھي پر پوء به ڊرينيج جو نظام مڪمل طور تي ناڪاره ۽ تباھ آھي. هن دعويٰ ڪئي ته پاڻي نيڪال ڪرڻ واريون 6 مشينون هڪ جنريٽر ٽائون ڪاميٽي کوسڪي جي چيئرمين جي چيما فارم شادي لارج تي ٻنين تي پيل آھن.

Town chairman Bilal Cheema, Photo Sindhyar

انتظاميا سرڪاري پاڻي ڪڍڻ وارين مشينن سان پنهجين ذاتي زمينن مان پاڻي ڪڍرائڻ ۾ رڌل شھري برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هن الزام هڻندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي کوسڪي جو چيئرمين ڪرپٽ قسم جو ماڻھو آھي جنهن پنهنجي چيئرميني دوران  کوسڪي شھر ۾ ھڪ روپئي جو به ڪم نه ڪرايو، مليل ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھڙپ ڪري ويو. هن چيو ته ڄاڻايل چيئرمين هن وقت به لاهور ۾ عياشي واري زندگي گذاري رهيو آھي ۽ کوسڪي جي مسڪين عوام سخت پريشانين ۾ مبتلا آھي.

Abdul Samad Khoso social activist, Photo Sindhyar

هن نيب سميت ٻين ادارن کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي کوسڪي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي فوري طور جانچ ڪري ملوث ماڻھن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. سنڌيار پاران چيئرمين سان ربطو ڪري سندس موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس فون بند هو.

پهنجو تبصرو موڪليو