ميونسپل ملازمن جو پبلڪ هيلٿ خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) نسپل ڪميٽي جي صفائي واري عملي طرفان ھٿن ۾ ٻوھارا کڻي چيف سينٽري انسپڪٽر  منير احمد ملڪ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو پبلڪ ھليٿ جي ايس ڊي او خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. انهيَ موقعي تي چيف سينيٽري انسپيڪٽر منير احمد ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات واري موسم آهي پر پبلڪ ھليٿ جا کوھ گندي پاڻي سان ڀريل آهن ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارا موٽر به نٿا ھلايا وڃن جنهن ڪري شھر جي مختلف علائقن  ۾ نالين جو گندو پاڻي شھر جي روڊ رستن ۽ پاڙي جي گھٽين ۾ نڪري رھيو آهي .ھن چيو ته پبلڪ ھليٿ جي ايس ڊي او ڪيلاش ڪمار جي اھڙي شھر دشمني واري عمل جي شڪايت ڊي سي کي ڪئي آهي تنهن باوجود گندي پاڻي جي نيڪال واري کوھن جا موٽر نٿا ھلايا وڃن .گندو پاڻي جڏهن روڊ رستن تي نڪري اچي ٿو ته قصور وار ميونسپل جي صفائي واري عملي کي ٺھرايو وڃي ٿو . ھن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پبلڪ ھيلٿ جي ايس ڊي او کي ھٽائي گندي پاڻي جي نيڪال واري سسٽم کي بھتر بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو