رشوت نه ڏيڻ تان همراهه هاف فراءِ، وارثن جو احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ)رشوت نه ڏيڻ تان ڪوٽ بنگلو جي پورهيت صابر علي گوپانگ کي پوليس هاف فرائي ڪري ڇڏيو متاثر خاندان جو ڪوٽ ڏجي ٿاڻي پوليس خلاف سکر پريس ڪلب روڊ تي ڌرڻو هڻي اي ايس آءِ نادر گوپانگ خلاف نعري بازي ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان صابر علي گوپانگ۔ مسمات سياڻي۔مسمات نجمه۔مسمات صاحب زادي گوپانگ ٻڌايو ته ڪوٽ بنگلي چوڪي انچارج اي ايس آءِ نادر گوپانگ بلا جواز صابر علي مٿان ڪوڙي اين سي داخل ڪري پندرهن هزار وٺي ڇڏيو هو ۽ويهه جولائي تي نادر گوپانگ ٻن خانگي ماڻھن طاهر گوپانگ ۽ نظر گوپانگ سان گڏجي صابر علي کي سي اين جي اسٽيشن تان اغوا ڪرڻ بعد سندس آزادي لاء ٻه لک روپيا گهرياهئا رقم نه ڏيڻ تان کيس ٻن ڏينهن بعد گولي هڻي هاف فرائي ڪري ڇڏيو آھي هنن آءجي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو