خيرپور(سجاد علي ڪٻر)قومي شاهراهه تي نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو وارثن پاران لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو رپورٽ موجب راڻيپور ڀرسان قومي شاهراهه تاج پمپ وٽ ٽن نامعلوم موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪري ڳوٺ گل محمد ڄامڙو جي رهواسي گلشير ڄامڙو کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گلشير ڄامڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل ورتا فائرنگ ۾ مارجي ويل جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي فائرنگ ۾ مارجي ويل گليشر ڄامڙو جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي همراهه کي شاھاڻي برادري جي ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي شاھاڻي برادري جي ماڻهن سان ڪجهه عرصو پهريان تڪرار هلندڙ هو جنهن جو ڏنڊ ڏوهه به ڀري ڏنو هيو سين پر اڄ شاهاڻي برادري جا ماڻهو حملو ڪري اسان جي گليشر ڄامڙو کي قتل ڪيو آهي هنن چيو ته جيستائين جوابدارن کي گرفتار ڪري نه ڪيو ويندو اسان جو احتجاج جاري رهندو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن فائرنگ سبب علائقي ۾خوف پکڙجي ويو
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين