ڳوٺ تي ڇاپو 10 ماڻهو گرفتار اهلڪار جو قاتل هٿ نه آيو

ڳوٺ تي ڇاپو 10 ماڻهو گرفتار اهلڪار جو قاتل هٿ نه آيو

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال) چورن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار فرزان ڪلوڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو پر اصل جوابدار هٿ نه آيو، 10 ٻيا گرفتار ڪري ورتا. پوليس اهلڪارن جي ڪاٺي جي پل ڪراس ڪرڻ وقت پُل ڪري پئي ڪيترائي اهلڪار واهه ۾ ڪري پيا. اٽڪل هڪ مهينو اڳ عادلپور ۾ مقابلي ۾ شهيد ٿيل اهڪار فرزان ڪلوڙ جي ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار نواز سيال جي موجودگي واري اطلاع تي گهوٽڪي سب ڊويزن جي پوليس ايس ايڇ او عادلپور ۽ ايس ايڇ او خانپورمهر جي اڳواڻي ۾ خانپورمهر ويجهو ڳوٺ پنهون لونگاڻي گڏاڻي تي اسر ويل چڙهائي ڪئي ڪاروائي دوران اهلڪارن کي ڳوٺ ڀرسان ماڪائي مائينر تي قائم  ڪاٺي واري پل تان گذرڻو هيو جتان هڪ ئي وقت پوليس اهلڪار هڪٻئي پٺيان گذرڻ لڳا ته ڪاٺي جي پل ٽٽي پئي ۽ ڪيترائي اهلڪار هٿيارن سميت ماڪائي مائينر ۾ ڪري پيا جنهن دوران هڪ اهلڪار جي رائفل لڙهي وئي جنهن بعد آبپاشي عملي کي اطلاع ڪري واھ ۾ ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽايو ويو ۽ رائفل ڳولهي وئي ان بعد پوليس مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري گهر گهر تلاشي ورتي پر نواز سيال نه ملي سگهيو ۽ پوليس مختلف ڳوٺن مان 10 ڏوهارين کي پناھ ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري پوليس واپس رواني ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو