پوليس ناريءَ کي غير قانوني قيد مان آزاد ڪرائي ورتو

ميرپور /ڏهرڪي(ن سنڌيار) داد لغاري پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد ابراھيم سومرو ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ڏھرڪي لڳ ڳوٺ نورحسن شاھ ڪھيري ۾ ھڪ گھر تي ڇاپو ھڻي ڏھ ڏينھن کان ھڪ گھر ۾ قيد ڪيل نوجوان ناري مسمات روبينا بنت غلام سرور شيخ ويٺل ڳوٺ اقبال پنجابي لڳ ريتي کي ھٿ ڪري ورتو. ناري گھران فرار ٿي اڻ ڄاتل ماڳ ڏانھن وڃي رھي هئــي جيڪا رستي ۾ ڪنھن ڪورائي ذات جي مردن کي ملي ھئي جيڪي کيس پنھنجي گھر وٺي ويا ۽ وڃي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيو. ناري کي برآمد ڪري پوليس گھر ڌڻين کي پڻ گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيندڙن ۾غلام محمد ۽ بخشل ڪورائي شامل آھن ھن سلسلي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل ايس ايڇ او داد لغاري کي حڪم ڏنو آھي تـ ناري کي ليڊيز پوليس جي سرپرستي ۾  ٿاڻي تي رکي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو