خانپورمهر(آفتاب سيال)سيپڪو جي ناجائزين خلاف لانڍي فيڊر جي ڳوٺاڻن سيپڪو خانڳڙھ جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مختلف ڳوٺن حضور بخش، راڻو پتافي، شبير، صديق پتافي ،ڪلر ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين بهادر پتافي، رسول بخش، فائق احمد پتافي، نعيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو عملدارن جي ناجائزين خلاف سيپڪو خانڳڙھ جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين پاران سيپڪو عملي جي زيادتين خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل 8 مهينن کان سيپڪو عملدارن من مستي ڪندي لانڍي فيڊر جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪيترا ئي ڳوٺ بجلي کان محروم آهن، بجلي بند هجڻ ڪري سخت گرمي ۾ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته بجلي جي بحالي لاءِ اسين سيپڪو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر عملو ملڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود به بجلي بحال نه پئي ڪئي وڃي، هنن الزام هنيو ته فيڊر جي بجلي بحال ڪرڻ عملو رشوت طلب ڪري رهيو آهي، جيڪا ناانصافي آهي، لانڍي فيڊر جي رهواسين سيپڪو جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي لانڍي فيڊر جي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










