ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه سياسي يتيم پيا ڪن، شاهه

ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه سياسي يتيم پيا ڪن، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ سياسي يتيم ۽ نابالغ آهن. مختلف علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي آئين جي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪنهن جي خواهشن تي پابندي ناهي پر هي ڳالهيون پاڻي جي بلبلي جيان آهن، جيڪي فوري طور ختم ٿي وينديون، سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سمجھه کان ٻاهر آهي، جنهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته مونکي به سمجهائي، هينئر به وفاق طرفان ڪيترائي سونپيل ڪم نٿا ڪريون، تسليم ڪيون ٿا ته ڪراچي ۾ صفائي معاملي تي ڪوتاهيون ٿيون آهن، گٽر نالا بند ڪندڙن ۾ هٿ وجهون ٿا ته سياسي انتقام جو شوشو ڇڏيو وڃي ٿو. وڏي وزير چيو ته، تازين برساتن دوران گرين لائين منصوبي سبب سينٽرل ضلعي ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، ان جي رٿا بندي ۽ ڊزائن ۾ غلطيون ۽ ڪوتاهيون آهن، ورلڊ بينڪ ڪراچي لاءِ ڪي به فنڊز ناهن ڏنا. پنهنجي ڪوتاهي ڪير به قبولڻ لاءِ تيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو