اسماعيل گبول جي جنازي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ، مٽيءَ ماءُ حوالي

خانپور مهر (ن سنڌيار)گبول برادري جي معزز شخصيت ۽ علائقي جو چڱو مڙس محمد اسماعيل خان گبول وفات ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. شگر، جگر ۽ بلڊ پريشر جو مريض هو. کيس عيد کان اڳ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. جتان ڊاڪٽرن کيس علاج بعد بهتر صورتحال سبب موڪل ڏني هئي. عيد واري ڏينهن دير سان سندس طبيعت خرب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي نيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. مرحوم جي جنازي نماز آچر تي خانپور مهر لڳ ڳوٺ ولو دڙي ڀر سان ڪمال دڙو گبول ۾ رات 10 وڳي دا ڪئي وئي. جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.  

پهنجو تبصرو موڪليو