کنڀيل ڊاڪٽر ۽ ٻين جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي پاران احتجاج

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون )کنڀي گم ڪيل 17 گريڊ جي وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران عيد جي ڏينهن تي ايوان صحافت ۽ بدين پريس ڪلب جي اڳيان  سندس سؤٽ نصرالله جروار ۽ سندس ٻن معصوم ٻارڙين سنڌيا ۽ سجل جروار جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙن چيو ته ٻه مهينا اڳ ٽنڊو باگو شھر مان کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر آيت الله جروار جو اڃان تائين ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي جنھن ڪري سندس مائٽن ۽ وٽرنري ڊاڪٽرن سميت دوستن يارن ۾ بي چيني پکڙيل آهي ھنن چيو ته ڊاڪٽر ھڪ محنتي ۽ ايماندار آفيسر آهي ھو غير سياسي ماڻهو آهي جنھن جي ساک ۽ ضمانت ٽنڊوباگو سميت سموري بدين ضلعي جا سڀئي ڊاڪٽر ڏيڻ لاءِ تيار آهن ته ھو محب وطن پاڪستاني آهي۔ ھنن چيو ته عيد جي مقدس ۽ خوشي جي موقعي تي ماڻھو خوشيون ملهائي رهيا آھن ۽ اسان جي گهرن ۾ ماتم وڇايل آھي. هنن چيو ته ڊاڪٽر آيت الله سميت ٽن نوجوانن کي ضلعي بدين مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي. جن جو ڏس پتو ڪونهي اسين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت اعلي اختيارين لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار سميت سڀني کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو