اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايل او سي جو دورو ڪيو ۽ عيد جو ڏهاڙو کوئي رٽا سيڪٽر جي فرنٽ مورچي تي مقرر جوانن ۽ آفيسرز سان ملهايو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته اسان جو دشمن پاڪستان ۽ خطي کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، سندن ارادن کان واقف آهيون ۽ ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. آرمي چيف چيو ته عيدالاضحيٰ غير مشروط قرباني جو مظهر آهي،قرباني جي جذبي کي فوجي جوانن کان وڌيڪ ڪير نٿو ڄاڻي سگهي. هن ان موقعي تي جوانن کي ڪيل خطاب ۾ چيو ته اسين ڪشميرين جي مڪمل حمايت جاري رکنداسين. هن جوانن جي هر وقت چوڪس رهڻ وارين تيارين جي تعريف ڪندي کين داد ڏنو. لائين آف ڪنٽرول تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي اظهر عباس سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. بعد ۾ آرمي چيف دل جي مرض واري ااداري جو دورو به ڪيو ۽ دل جي بيمارين جي تحقيق واري اداري جي پيڙهه جو پٿر به رکيو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو