ايف بي آر وارا هدايتن تي هلن پيا، بيگم جسٽس عيسيٰ

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواريءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ايف بي آر جي آزادي ۽ خودمختياري تي سوال اٿاريندي اايف بي آر کي خط لکيو آهي. جنهن ۾  زرينا عيسيٰ جو چوڻ هو ته جنهن شخص اسيٽ رڪوري يونٽ سان ملي منهنجي باري ۾ غير قانوني طور تي معلومات گڏ ڪئي، ان کي ئي منهنجي ڪيس ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته 9 جولاءِ 2020 کان سوال پڇي رهي آهيان پر ايف بي آر عملدار منهنجي پڇيل 12 سوالن جا جواب نٿا ڏين. هن شڪايت ڪئي ته کيس پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جي ڪاپي به فراهم نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته ايف بي آر جي موڪليل نوٽيسز ۾ واضع فرق آهي، ان هوندي به انهن تي صحيحون ڪمشنر ايف بي آر ذوالفقار احمد جون ئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اهو واضع ٿي چڪو آهي ته ايف بي آر جا عملدار ڪنهن کان هدايتون وٺي رهيا آهن.جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ گهڻيون بنا پگهار واريون عورتون ٽيڪس ڀرينديون آهن؟ مان ٽيڪس رضا ڪارانه طور ادا ڪريان ٿي ته پريشان ڪيو ٿو وڃي، ڇا عورت هجڻ سبب ايئن ڪيو پيو وڃي؟

پهنجو تبصرو موڪليو