پهرين مهيني ۾ ٽارگٽ کان مٿي ٽيڪس وصولي جي ساراهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)رٿا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر هلندڙ سال جي پهرين مهيني ۾ مقرر هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ تي فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي نئين ٽيم جي ڪارردگي کي ساراهيو آهي. ايف بي آر پهرين جولاءِ کان شروع ٿيل نئين مالي سال جي پهرئين مهيني ۾ 243 ارب ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو هو پر ان دوران 300 ارب روپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو. رٿا بندي جي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته هدف کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ٿيڻ ايف بي آر جي نئين ٽيم جي سٺي پرفارمنس جي عڪاسي آهي. هن جو چوڻ هو ته جولاءِ ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس ڪليڪشن شاندار رهي، جولاءِ ۾ 57 بلين روپيا ٽارگٽ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو