ڀارت مان آيل سنڌي ماهيگير جي تشدد ٿيل لاش جي تدفين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀارتي جيل ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل عبدالڪريم ڀٽي جي جنازي نماز بعد مواڇ گوٺ جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ان کان اڳ سندس لاش نيٽو جيٽي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن ٻڌايو ته هلندڙ سال جنوري ۾ عبدالڪريم کي 4 ٻين ساٿين سميت سمنڊ مان مڇي ماريندي ڀارتي نيوي اهلڪار پڪڙي ويا هئا. هن وقت به ڏيڍ سو جي لڳ ڀڳ سنڌي مهاڻا ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، جن کي ڊرگ سمگلر قرار ڏئي مٿن تشدد ڪيو ٿو وڃي. هي غريب ماڻهو جيڪي پنهنجي روز ڏهاڙي وارا آهن اهي مڇي ماري پيٽ گذر ڪن ٿا، هنن وٽ ننڍڙيون بيڙيون هونديون آهن جن ۾ چار يا پنج ماڻهو هوندا آهن، سامونڊي حد بندي يا ڪو نشان به ناهي جنهن مهل جنهن جي مرضي پوي ٿي پڪڙي ٿا وڃن. ان موقعي تي مودي مرده باد جا نعرا هڻندي سندس پتلا به ساڙيا ويا. هنن پاڪستان حڪومت تي زور ڀريو ته ان معاملي کي اٿاريو وڃي ۽ ڪو مستقل حل ڪڍيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو