سعودي عرب، يورپ، آمريڪا، آسٽريليا ۾ عيدالاضحيٰ ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب سميت خليجي ۽ جاپان، آسٽريليا، آمريڪا ۽  ڪجهه يورپ جي ملڪن ۾ عيد الاضحيٰ جمعي تي ملهائي وئي. سماجي دوري بابت ايس او پيز تي عمل ڪندي عيد جي نماز ادا ڪئي وئي. مسجدالحرام ۾ عيد جي نماز شيخ عبدالله الجهني پڙهائي جنهن بعد نمازين کي عيد مبارڪ به ڏني. سعودي عرب ۾ هن سال صرف 10 هزار ماڻهن کي حج جي اجازت آهي ۽ ڪورونا سبب ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو ويو. خانه ڪعبي سميت سمورين مقدس جاين کي الڪحل واري سينيٽائيزرز سان ڌوتو ويو. هجر اسود کي چمڻ تي به پابندي هئي رڳو فلائنگ ڪس جي اجازت هئي. خطبي ۾ شيخ عبدالله مسلمانن تي زور ريو ته هو ٻڌي قائم ڪن ۽ اختلافن جو شڪار نه ٿين.متحده عرب امارات، ڪويت، عمان، بحرين ۽ ٻين خليجي ملڪن ۾ سادگي سان سنت ابراهيمي جو فرض ادا ڪيو ويو. آمريڪا، آسٽريليا، جاپان ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به عيد اڄ ملهائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو