فوجي وردي جي لڄ رکڻ هٿيار بند فوجن جو ڪم آهي،عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيوي ڪلب سيل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد حاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هٿياربند فوج جي وردي اسان لاءِ عزت ۽ احترام لائق آهي، پر وردي جي لڄ رکڻ هٿياربند فوجن جو ئي ڪم آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان راول ڍنڍ جي ڪناري تي غير قانوني طريقي سان قبضو ڪري نيوي جو ڪلب تعمير ٿيڻ بابت جواب جمع نه ٿيڻ تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي جواب ڏيڻ لاءِ چيو هو ته ٻڌايو وڃي ته نيوي ڪلب ڪهڙي قانون تحت تعمير ڪئي وئي آهي، هاڻي سي ڊي اي ڇا ڪندو؟ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته حڪومت ان مامري تي اٽارني جنرل کان راءِ طلب ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪنهن غريب جي جهوپڙي ڊاهڻ لاءِ اٽارني جنرل کان راءِ ورتي ويندي آهي؟ عدالت راول ڍنڍ جي ڪناري تي ڪلب جي اڏاوت تي پاڪ نيوي جي سربراهه کان 7 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته تجارتي مقصد لاءِ ٺاهيل نيوي جي ڪلب کي سي ڊي اي غيرقانوني قرار ڏئي کين نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ عدالت ڪلب سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو