قلعو کوليو، سياح مايوس، بارش سبب ٿرين جا ڀاڳ جاڳي پيا

نئون ڪوٽ (رپورٽ پيار علي نھڙيو ) ٿر ۾ برسات مرجهايل چھرن تي مرڪون آڻي ڇڏيون برسات بعد فطري حسن جرڪي پيو، سياحن جي آمد جاري، نئين ڪوٽ جو تفريح ماڳ نئون ڪوٽ قلعو نه کليو سياحن ۾ مايوسي ڇائنيل آهي. ٿر جو فطري حسن ڏسڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ماڳن کان هزارن جي تعداد ۾ سياح ٿر جا تاريجي تفريحي ماڳ ڏسڻ لاءِ ٿرپارڪر جو رخ ڪرڻ لڳا آهن جيڪي ٿر جا تاريخي ماڳ مڪان  ۽ فطري حسن ڏسي ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا آهن،هن سال  ڪرونا وبا جي ڪري ڪافي تاريخي ماڳ مڪان بند آهن جنهن جي ڪري  ٿر ۽ بئراج واري سنگم تي تاريخي تفريح گاهه نئون ڪوٽ قلعو  پڻ ڪرونا وبا پکڙجڻ جي  ڪري چار مھينن کان  مسلسل بند آهي.

Nao Kot Fort, Photo Sindhyar

جنهن جي ڪري پري پري کان  تاريخي ماڳ گھمڻ لاءِ آيل  سياح مايوس ٿي موٽي ويا ان ڏس ۾ آيل سياحن ۽ هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن سياحت ثقافت کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد نئون ڪوٽ قلعو کولي پري پري کان گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن مان مايوسي جي لھر ختم ڪئي وڃي ته جيئن هو آساني سان تاريخي ماڳ گهمي سگهن. ٿرپارڪر جي سيمن سيڙهن ۽ ٻنين ۾ ٿيندڙ ٿري ڀاڄين مارو ماڻهن جي عيد ڪرائي ڇڏي ٿري ٻارڙا کمڀيون للر پپون مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري پيٽ جو گذر سفر ڪرڻ ۽ عيد جا نوان جوڙا ۽ جوتا خريد ڪري خوش ٿيڻ لڳا.

Lulur and Papiyoon, Photo Sindhyar

ان ڏس ۾ مارو ماڻهن ۽ ٻارڙن  ٻڌايو  ته برساتون اسان جي روزگار جو ذريعو آهن جنهن جي وسڻ بعد اسان چار پنج مھينا کمڀيون، للر، مريڙو، پپون، ڪونڍير، گدرا ڇانھيان ۽ ٻيون ڀاڄيون کپائي سٺو گذر سفر ڪندا آهيون جنهن ڪري اسان جا سمورا ڏک درد دور ٿي ويندا آهن ۽ اسان خوشي سان زندگي بسر ڪرڻ لڳندا آهيون.

Mushrooms, Photo Sindhyar

برسات کان پوءِ ٿر ۾ ٻنيون پوکڻ جو سلسلو تيزي سان شروع اُٺن گڏھن ۽ ڍڳن جي جاء ٽريڪٽرن والاري ورتي. ٽريڪٽر جي کيڙي جي نسبت اٺ ڍڳي سان  پوکيل ٻني  هزار دفعا ڀلي ٿئي ٿي، تازو وٺل برساتن کان پوءِ نئون ڪوٽ ڀرسان ٿري ماروئڙا اٺن ڍڳن گڏهن ۽ ٽريڪٽرن سان ٻنيون کيڙي پوکڻ لڳا ته ڪٿي وري لاڪ جي ڪري مسلسل بيروزگار ويٺل مارو ماڻهو ٻج ۽ کيڙي لاءِ پريشان ٿي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا هتان جي غريب هارين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان مسلسل چار مھينن کان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون روزگار بند هئڻ ڪري اسان وٽ پيل ٻج ۽ کيڙي جا پيسا به کپائي ڇڏيا آهن ۽ اٺ ڍڳا به وڪڻي پيٽ جو گذر سفر ڪيو آهي هاڻي برساتن کان پوءِ اسان کي مارڪيٽ مان نه ڪو اوڌر تي ٻج جو داڻو  ملي ٿو نه ڪو کيڙي لاءِ پيسو آهي جو اسان ٻنيون پوکي پيٽ جو گذر سفر ڪري سگهون هنن سماجي تنظيمن ۽ وس وارن اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسانجي سار لڌي وڃي ته جيئن اسان وقت سر زمينون آباد ڪري سگهون.

Photo Sindhyar

ڪلوئي تعلقي جي  ڳوٺن پڌريو سيڏيو گرڙاٻھ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مٽي وارو گاھ کائڻ ڪري  چوپايو مال تير موڙ ۽ ٻين   بيمارين وگهي مرڻ لڳو جنهن جي ڪري ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ ڪري ڀاڳين ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتو اگھور ننڊ ستل هتان جي رهواسين لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي آهي ته جلد کان جلد ڄاڻايل ڳوٺن ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي چوپايو مال مرڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو