ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جو انسائيڪلو پيڊيامڃيو ويندڙ ناٿو خان لنڊ وفات ڪري ويو. مرحوم شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جو رسالي جو حافظ هو ۽ ڪيترائي اهڙا بيت جيڪي رسالي ۾ ناهن اهي به کيس ياد هئا.هو علائقي جو مشهور سگھڙ پڻ هو شاعري به ڪندو هو. ناٿو خان لنڊ جي جنازي نماز ڳوٺ درگاھ فقير يوسف شيخاڻي گھاڻي ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو.










