گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو)ڳوٺ الهداد عارباڻي جي رهواسين سونهارو خان عارباڻي، سوڀارو، حاجي الف، حاجي محمد هاشم، حاجي الهڏنو غلام اڪبر، ثناء الله، غلام حيدر عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ديهه وڏ پڳيه ۾ واقع 32 ايڪڙ زرعي زمين احمد حسين نالي شخص کان 60 سال اڳ خريد ڪئي هئي ۽ زمين جو کاتو به اسان جي نالي تي آهي پر هاڻ بااثر ماڻهو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن دانهيو ته ٻه ڏينهن اڳ عبدالحنان، راشد منهاس، مزمل حسين، اسد ۽ صداقت نالي همراهه گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس کي ساڻ ڪري اسان جي زمين تي پهچي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ڄاڻايل بااثر ماڻهن سان خانگي هٿياربند به گڏ هيا جيڪي اسان کي زمين تان بيدخل نه ٿيڻ جي صورت ۾ حراسان ڪري ڌمڪيون ڏيندا رهيا هنن دانهيو ته پوليس ۽ خانگي ماڻهو زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪرڻ جي آڙ ۾ رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا جڏهن ته بااثر ماڻهو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڳوٺاڻن وس وارن کي اپيل ڪئي ته زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ڳوٺاڻن احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت ۾ وڃڻ جو چتاء به ڏنو.
عدليا جي آزادي لاءِ اهڙو نظام جوڙجي جيڪو فرد جو ماتحت نه هجي
شاهين جا 4 شڪار، نيوزيلينڊ کي 9 رنز تان شڪست سيريز برابر
فواد چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو امڪان
پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورس ٺاهڻ جو فيصلو
منشيات فروشن خلاف ڇاپا، 2 جوابدار سڳ سوڌا گرفتار
آمريڪا ريڊ لائنز ڪراس نه ڪري، چين جو پيغام
اسيمبليءَ جي قيام سان پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي
وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، اهم شخصيتن سان ملاقاتون
تحريڪ انصاف وارا مس ڪال جو انتظار ڪن پيا،فيصل ڪريم
هارين جي شڪايت جو نوٽيس،ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم
هڪ مافيا نٿي چاهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿين: ميئر
انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي، مختلف ملڪن ۾ سروس سست
جسٽس بابر آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿئي، درخواست داخل
ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم
هارين جو پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج جو اعلان
عدالتي حڪم تي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران رڪاوٽون ختم
محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل
اغوا جي وارداتن ۾ ملوث 4 اهلڪارن جي نوڪري چٽ
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي
مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ پٽ فوت