دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف شهرين جو انوکو احتجاج

دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف شهرين جو انوکو احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ) زندگي بچائڻ وارين دوائن جي اگهن ۾ 7 کان 10 سيڪڙو قيمتن ۾ واڌ خلاف ٻانهن ۽ مٿي تي مرهم پٽي ٻڌي شهرين انوکو احتجاج ڪيو. گھنٽا گھر چوڪ واري علائقي ۾ ميڊيڪل اسٽورن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي اشفاق ڀٽي، نصير گوپانگ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچڻ سان ئي عوام لاءِ مسئلا وڌائي ڇڏيا آهن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي طوفان سبب عوام کائڻ لاءِ به پريشان آهي. حڪمرانن گئس، بجلي ۽ تيل جي اگھن ۾ واڌ ڪري نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن. ملڪ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي. غريب ماڻهن وٽ پئسا نه هجڻ سبب پنهنجو علاج به نٿا ڪرائي سگھن. موجوده حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ مرڻ مهانگو ڪرڻ جا اپاءَ واپس ورتا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو