بدفعلي ڪيس ۾ گرفتار استاد رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور(سجاد ڪٻر)ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي واري ڪيس ۾ گرفتار استاد سارنگ شر ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس طرفان 14 ڏينهن جي رمانڊ لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي گرفتار ٿيل استاد سارنگ شر کي سخت سيڪيورٽي ۾ خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو پوليس چيو آهي ته جوابدار سارنگ شر کي هڪ نيننگر سان بدفعلي جي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل هئا، ڊاڪٽرز جي ٽيم پوليس جي موجودگيءَ ۾ جوابدار سارنگ شر جا جُزا وٺي ڇڏيا، ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويا آهن رپورٽ اچڻ بعد جاچ اڳتي وڌائينداسين. هوڏانهن پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جي صدر ايم پي اي غزاله سيال نفيسه شاه جي هدايت تي ٺري ميرواهه ۾  زيادتي جو شڪار ٿيل نينگر جي والد سڪندر جانوري، زاهد علي سمون جي پٽ وٽ پهچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ ساڻن همدردي جو اظهار ڪندي هر قسم جي قانوني مدد جو يقين ڏياريو.

MPA Madam Ghazala Siyal visited rape victims

ان موقعي تي ضلع خيرپور جي صدر زينب بلوچ سينئر نائب صدر ثمرين عباس دشتي جنرل سيڪريٽري قرت العين منير ۽ انفارميشن سيڪريٽري رابعه عباسي خيرپور سٽي جي صدر ريحانه جماڻي ٺري ميرواه ميڊم عظيما خاصخيلي  ۽ عبدالمومن ميمڻ به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو