شگر اسڪينڊل ۾ ملوث ملز مالڪن خلاف ڀلي ڪارائي ڪريو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ کنڊ ڪميشن جي رپورٽ موجب حڪومت کي شوگر ملز جي خلاف قانون مطابق ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جاري ڪيل اسٽي آرڊر تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي،  سُپريم ڪورٽ کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ مطابق لاڳاپيل شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت اسلام آباد ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽس کي شگر ملز مالڪن جي درخواستن تي ٽن هفتن اندر فيصلا ڏيڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي. شگر ملز مالڪن جي وڪيل جي درخواست تي عدالت وزيرن ۽ مشيرن کي کنڊ ڪميشن جي رپورٽ تي بيان بازي کان روڪي ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ شگر ملز مالڪن خلاف غير ضروري طور قدم نه کڻن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ ادارا قانون مطابق ڪارروائي ڪن، ٻڌڻيءَ دوران شگر ملز جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حڪومتي وزير بيانبازي ڪري ملز مالڪن جو ميڊيا ٽرائل ڪن ٿا. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته بيانبازي سياسي مامرو آهي، ان ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون پر وزيرن کي قانون جو خيال ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته شگر ملز مالڪن خلاف ڪاروائي کان روڪڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽي جاري ڪيو هو ۽ ساڳيو معاملو آسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو