گڊو واهه ۾ چاڙهه ڪپر ڪمزور ڳوٺ ۽ فصل ٻڏڻ جو خطرو

لکي غلام شاھ(نثارمنگي) چڪ لڳ گڊو پل وٽ پاڻي جي چاڙھ سبب ڳوٺ ڏھرن سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل پڻ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. گڊو واھ جي ڪپر کي  کنڊ لڳي ويو ڳوٺاڻن جو ساھ مٺ ۾ ڳوٺاڻا رات جو جاڳي گذارڻ لڳا اريگيشن عملي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان موقعي تي ڏھر ڳوٺ جي  رھواسين,وڏيرو غلام رسول ڀيو۽ قلندر بخش مهر مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملو جلد واھ کي لڳل کنڊ بند ڪرائي جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. اريگيشن وارن جو چوڻ آهي ته مال جي گهير سبب ڪٽ آهي جيڪو ڳوٺاڻڻ جي لاپرواهي سبب ڪپر کاڄي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو