سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ناردرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي چيو آهي ته ميونسپل پبلڪ هيلٿ ۽ ضلعي انتظاميا پاران برسات کان اڳ جوڳا اپاءُ نه وٺڻ سبب پراڻي سکر ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿيو آهي. سکر جي چونڊيل نمائندن جي ڪرپشن سبب شهر گندي پاڻي جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. شهر ۾ برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپين جا ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪيا ويندا. 70 ڪروڙ منصوبي تي لڳائڻ باوجود 5 سالن ۾ اهو منصوبو مڪمل ناهي ٿي سگهيو, هن اهڙيون ڳالهيون سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. مبين جتوئي چيو ته وسپور، ٽانگه اسٽينڊ، رائل روڊ، مينارا روڊ، بچل شاهه مياڻي، نئون پنڊ، اسلام ڪالوني، گوليمار، گرم گودي سميت اڪثر علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽن تائين برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي ڪرپشن سبب سکر شهر گندي پاڻي جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ هر سال برسات جو پاڻي جمع ٿي رهيو آهي. عوام حڪمرانن جي ڪرپشن کان بيزار ٿي چڪو آهي.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو