پسند جي پرڻي تان قتل ٿيل جوڙي جا قاتل گرفتار ڪريو، شاهه

دڙو (ن سنڌ يار) قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن طرفان دڙو لڳ ڳوٺ يوسف پليجو ۾ پھچي قتل ٿيل جوڙي الھڏنو پليجو ۽ سندس زال گل ضميران مسڻ جي قتل تي وارثن سان تعزيت ڪئي. قومي عوامي تحريڪ مرڪزي ڪميٽي جي اڳواڻ سيد اعظم علي شاھ, بخاري ضلعي اڳواڻن محمد يوسف ڪنڀار, رفيق بلاولي, محمد جمن ميربحر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي الھڏنو پليجو ۽ گل ضميران مسڻ جي والد سومار پليجو ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته الھڏنو پليجو ۽ سندس زال گل ضميران مسڻ کي پيار جي پرڻي تان بيگناھ قتل ڪيو ويو. جڏھن ته ٺٽو پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل بااثر جوابدارن کي تحفظ فراھم ڪري رھي آھي. جوابدار ڌر طرفان مظلوم فريادين کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ھنن چيو ته انصاف جي تقاضا آھي. ته سنڌ حڪومت کي فورن نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار لاء تحرڪ وٺڻ کپي ھا. پر سياسي, وڏيراڻي ۽ پيري مريدي واري روايتي ڪڌي سماج جي ور چڙھيل ھن ڪيس ۾ نامزد ڪيل ملوث بااثر جوابدارن کي بچائڻ لاء ڪجهه طاقتور ڌريون ملوث آھن جنھن ڪري 3 قاتل اڃا تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آھن. ھنن گھر ڪئي ته ٻٽي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري کين ڦاھي جي فندي تي پھچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو