‘پشاور آرمي اسڪول حملي جي جاچ رپورٽ پڌري ڪريو’

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي ۽ قتل ٿيل ٻارن جي والدين جي ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته رپورٽ جي ڪاپي سندن حوالي ڪئي وڃي ۽ رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي. اهڙو مطالبو عدالتي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ 9 جولاءِ تي جمع ٿيڻ بعد ڪيو ويو آهي. هنن اميد ظاهر ڪئي ته اصل جوابدارن کي سزا ڏئي 147 شهيد ٿيل ٻارڙن جي خون سان انصاف ڪيو ويندو. 16 ڊسمبر 2014 تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ڊهشتگردن حملو ڪيو هو جنهن جي ذميواري طالبان قبول ڪئي هئي ۽ بعد ۾ طالبان ترجمان احسان الله احسان گرفترا به ٿيو هو پر ڪجهه عرصي بعد خبرون آيون ته هو آءِ ايس آءِ جي سيف هائوس مان فرار ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 12 آڪٽوبر 2018 تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد ابراهيم تي مشتمل ڪميشن جوڙي وئي هئي جنهن 19 آڪٽوبر کان ڪم شروع ڪيو ۽ مسلسل 20 مهينن جي ڪوشش بعد رپورٽ مرتب ڪري پيش ڪري ڇڏي آهي. اي پي ايس شهدا فورم جي سربراهه عجون خان ڊان سان ڳالهائيندي چيو ته هو جلد سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيندو ڇو ته هي جاچ سندن درخواست تي شروع ٿي هئي. اسان کي خبر پوي ته ڪير اسانجي ٻچن جو قاتل آهي. جاچ ڪميشن جي جج پوليس ۽ مختلف سيڪورٽي ايجنسيز پاران ڪيل ڌار ڌار جاچ رپورٽن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ پشاور جي ڪور ڪمانڊر سميت سينئر فوجي،پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي آفيسرن کان بيان وٺي مرتب ڪئي وئي آهي ۽ اها ڪميشن جي ڊيوٽي هئي ته مجرماڻي غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. ياد رهي ته طالبان جي ڪمانڊر عمر منصور حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي جيڪو 2016 ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ ننگر هار صوبي ۾ مارجي ويو هو. پاڪستان ۾ قائم ڪيل فوجي عدالت حلي جي 7 جوابدارن مان 6 کي موت جي سزا ٻڌائي هئي ۽ هڪ کي عمر قيد ڏني هئي. ڪجهه تجزيه ڪارن اهو به چيو هو ته هن حملي جو مقصد 16 ڊسمبر 1970 تي بنگلا ديش ٺهڻ واري واقعي جي تاريخ کي هن واعي سان تبديل ڪرڻ هو جيئن مستقبل ۾ ماڻهو فال آف ڍاڪا نه پر هن بي رحم حملي کي ياد ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو