ڪرمپور(ن س)ڳوٺ سردار شير محمد بجاراڻي جي ماڙي وٽ ديرا سرڪي ٿاڻي جي حد مان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار چور مقدم ڪيوڙو نندواڻي جي رڍ کڻي فرار ٿيا ته بروقت ڀاڳيا ڪڍ لڳي پيا چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ مقابلو ٿيڻ تي چورن ڪلاشنڪوف جا سڌا فائر ڪري مقدم ڪيوڙو جو ڀاءُ حاڪم علي نندواڻي کي سيني ۾ گوليون هڻي مرڻينگ ڪري وڌو. زخمي کي وارث لاڙڪاڻي کڻي روانا سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.هوڏانهن پوليس ڳوٺ پنهل نندواڻي تي شڪ جي بنياد تي ڪڙو چاڙهي ويهي رهي. آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.










