ڪورونا سبب معيشت کي 3 ارب 64 ڪروڙ ڊالر جو نقصان؟

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان جي ڪل ملڪي پيداوار يعني جي ڊي پي کي 3 ارب 64 ڪروڙ ڊالر جي نقصان جو انديشو آهي. ‘ڪووڊ 19 ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سياحت‘ جي عنوان سان جاري ڪيل تازي رپورٽ م ڄاڻايو آهي ته سياحت متاثر ٿيڻ سبب خيبر پختونخواهه کي هڪ کان ٻه ڪروڙ ڊالر جو نقصان ٿيندو. پاڪستان جي سياحتي شعبي ۾ 8لک 80 هزار ملازمتون خطري ۾ آهن. رپورٽ موجب خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀارت جي معيشت کي پهچندو جيڪو 43 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي لڳ ڀڳ هوندو. نيپال جي معيشت  کي 46 ڪروڙ ڊالر ۽ مالديب کي 76 ڪروڙ ڊالر جو نقصان ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا سبب سياحت۽ سفر جي شعبي ۾ 4 ڪروڙ 77 لک ملازمتن تي اثر پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو