گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) رونتي جي ڪچي ۾ گهوٽڪي پوليس جو 7 ڏينهن به آپريشن جاري ڏوهارن سان مقابلي ۾ ھڪ ايس ايڇ او سميت 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڌنار زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال آندو ويو. ايس ايڇ او سرحد آغا شمشاد پٺاڻ هڪ پوليس اهلڪار باگن گهوٽو ۽ هڪ مال چاريندڙ محمد اعظيم سيلرو زخمي ٿيا.

واضع رهي ته رونتي ڪچي جي آپريشن ۾ پوليس ۽ هٿار بندن جي مقابلي ۾ راڪيٽ لانچرن سان هڪٻئي تي حملا جاري آهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رونتي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي حملي ۾ اي پي سي چئن کي راڪٽ لانچر جو گولو لڳڻ سبب اي پي سي ڪلٽي ٿي پئي جنهن ڪري پوليس جوان ۽ مال چاريندڙ ڌنار به زخمي ٿيو آھي. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته اڳوڻي آءِ جي جمالي جي دور ۾ ورتل اي پي سي چئن بڪتربند گاڏيون ايتريون ته نازڪ آهن جو انهن ۾ اسٽيل جي گولي به سوراخ ڪري پوليس جوان شهيد ۽ زخمي ڪري ٿي ۽ راڪيٽ لانچر لڳڻ سبب ڪلٽي به ٿئي ٿي. علائقي واسين ۾ خوف پکڙيل آهي ياد رهي ته گذريل هفتي شروع ڪيل آپريشن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 7 اهلڪار زخمي ٿيا هئا. پوليس جي ناقص منصوبه بندي سبب هلندڙ آپريشن مان ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار کي بدلي ڪيو ويو هو.










