کجيون پچي ويون، ڏنگ ڏوڪا، لوڻيون کارڪون عام جام

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ضلعي خيرپور ۾ کجيءَ جو فصل پچي تيار ٿي ويو، ڏنگ، ڏوڪا ۽ لوڻيون کارڪون مارڪيٽ ۾ عام جام ٿي ويون آهن. مارڪيٽ ۾ ڏنگ 180 روپيا ۽ لوڻي کارڪون 120 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳيون. خيرپور ضلعي هيڊڪوارٽر سميت ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ کجين جي وڪري جا اسٽال لڳائي پورهيت پنهنجو روزگار ڪري رهيا آهن. ماڻهو به ڏنگ ۽ ڏوڪا وڏي شوق سان کائڻ لڳا آهن. ڏنگ وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هن وقت کجيءَ جو فصل تيار ٿي ويو آهي.

Photo Sindhyar

هن وقت ڏيڍي کجيءَ جو مٺو ڏوڪو، ساوڙي جا ڏنگ ۽ لوڻي کارڪون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن، جيڪي روزاني جي حساب سان ماڻهون شوق سان خريد ڪري کائين ٿا ۽ گھر لاءِ وٺي وڃن ٿا، دوستن ۽ مائٽن ڏانهن تحفه به موڪلين ٿا. عزيزن قريبن ۽ دوستن ڏانهن نئين مند جون کارڪون موڪلڻ جي روايت سالن کان هلندي پئي اچي. ان سلسلي ۾ کارڪن جي تحفي طور سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڏي وٺ شروع ٿي وئي آهي. ڏنگ مارڪيٽ ۾ هن وقت 180 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿئي ٿو.

Photo Sindhyar

جڏهن ته لوڻي کارڪ 120 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي. هن وقت ڏيڍي کجي، مٺڙي ۽ ساوڙي کجيءَ جو ڏوڪو به مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي، جيڪو تمام گھڻو وڪرو ٿئي. سنڌ ۾ ڏيڍي، مٺڙي، اصيل، ڪربلائڻ سميت کجين جا مختلف قسم موجود آهن پر خيرپور ۾ ضلعي جا واپاري اصيل کجي جي تمام گھڻي پوکائي ڪن ٿا، جنهن مان اپت به سٺي ٿيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو