کنڀيل ڪارڪن ظاهر ڪريو، ڌارين کي نيڪالي ڏيو،جسقم

کنڀيل ڪارڪن ظاهر ڪريو، ڌارين کي نيڪالي ڏيو،جسقم

وارھ (طالب حسين چانڊيو)جسقم آريسر طرفان سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي شھر جي مختلف چؤنڪن کان ٿيندي ايوان صحافت عوامي پريس ڪلب وارھ پهتي جتي اڳواڻن  وقار رضا چولياڻي ،پرويز سنڌي ، باسط چولياڻي،ذوالفقار غيبياڻي ،نثار اميراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته سنڌ ۾ آيل سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو سموري دنيا جا تڙيل سنڌ ۾ آباد ڪيا وڃن حڪومت افغانين جو مدو پورو ٿيڻ بعد ڪو به اثرائتو قدم نه کڻي رهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان گم ڪيل قومي ڪارڪن حفيظ پيرزادو ، محفوظ نوتڪاڻي ،شاگرد عاقب چانڊيو ،سميت سمورن قومي ڪارڪنن مٿان اگر ڪيس آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ماورائي عدالت اپائن جي مذمت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو