ڀارتي فوج جي فائرنگ 5شهري زخمي، پاڪستان جو احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارتي فوج جي بلاجواز ڪنٽرول لائن تي شهري آبادي تي فائرنگ جو سلسلو جاري سومر ڏينهن نڪيال سيڪٽر ۾ دشمن فوج جي فائرنگ م 5 شهري زخمي ٿي پيا. جن ۾ به عورتون ۽ ٻه ٻار به شامل آهن. پڪستاني فوج فائرنگ ڪندڙ ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو جنهن سبب کين جاني ۽ مالي نقصان پهتو.  هوڏانهن پرڏيهي کاتي ۾ سينئر ڀارتي سفارتڪار کي طلب ڪري سخت احتجاج نوٽ ڪرايو ويو. ياد رهي ته هلندڙ سال ڀارت سيز فائر جي 1595 ڀيرا خلاف ورزي ڪندي شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي آهي. جنهن ۾ 14 شهري شهيد ۽ 120 زخمي ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو