دنيا ۾ وائرس متاثرين هڪ ڪروڙ 14 لک، سنڌ ۾ 1500 فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ 14 لک کان وڌي ويو، مرندڙن جو تعداد 5 لک 33 هزار 900 کن مٿي ٿي ويو آهي. مريضن جي تعداد جي حساب سان آمريڪا سوا اڻٽيهه لک کان مٿي، برازيل ۾ پوڻا سورنهن لک کان وڌيڪ، روس ۾ 6 لک 81 هزار ۽ ڀارت ۾ پوڻا ست لک کان وڌيڪ ٿي ويو. پاڪستان ۾ متاثرن جو انگ 2 لک 28 هزار 474 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مرندڙن جو انگ 93 ٿي ويو جنهن سبب مجموعي فوتگين جو تعداد 4712 ٿي ويو آهي. 3 هزار کان وڌيڪ نوان مريض سامهون آيا آهن. هڪ لک 29 هزار کان مٿي متاثر صحتياب ٿيا آهن. سنڌ ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ چين کان به وڌي ويو آهي  جيڪو 92 هزار کان مٿي آهي، سنڌ ۾ مرندڙن جو انگ  1500 کان وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو