پاڪستان کي يو ايس ايڊ پاران 100 وينٽيليٽرز جوعطيو

ڪراچي (پ ر) آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان کي 100 پورٽ ايبل آئي سي يو وينٽيليٽرز عطيو ڪيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي قونصل خاني جي ڊپٽي قونصل جنرل جان جوزف ھيلميئر پاران وينٽيليٽر اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيا ويا، اين ڊي ايم اي ميمبر آپريشن برگيڊيئر وسيم الدين پاران ڪراچي ايئرپورٽ تي اها امداد وصول ڪئي. آمريڪي اهلڪار جو چوڻ هو ته وينٽيليٽرز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان کي ڪورونا وائرس خلاف مدد لاءِ فراهم ڪيا ويا آهن، وينٽيليٽرز ڪورونا خلاف معاون ثابت ٿيندا، انھن وينٽيليٽرن جي ماليت 30 لک ڊالر آهي. جان جوزف ھيلميئر جو چوڻ هو ته آمريڪا ڪورونا خلاف پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي. برگيڊيئر وسيم الدين جو چوڻ ھو ته ھي وينٽيليٽر پوري ملڪ اندر ضرورت مطابق ورھايا ويندا، ڪورونا جي حساس مريضن کي وينٽيليٽر ذريعي طبعي سھولت ملندي. اين ڊي ايم اي پوري ملڪ ۾ ڪورونا مريضن کي طبعي سھولتون فراهم ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي اين ڊي ايم اي آمريڪا پاران وصول ٿيل وينٽيليٽرز جي صوبن اندر ورھائڻ لاءِ تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن تحت بلوچستان کي 13، ڪي پي 27، پنجاب کي 23 وينٽيليٽر ڏنا ويندا جڏهن ته سنڌ جي حصي ۾ 26، آزاد ڪشمير 6 ۽ گلگت بلتستان جي حصي ۾ 5 وينٽيليٽر ايندا. اين ڊي ايم اي پاران انھن وينٽيليٽرن جي تنصيب لاءِ اسپتالن جي لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي، جيڪا صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو