نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج ملازمت مان فارغ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ڏيندڙ جج ارشد ملڪ کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪاميٽي ملازمت مان فارغ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميان شهباز شريف فيصلي جي ڀليڪار ڪندي شڪرانو ادا ڪيو آهي. انتظامي ڪميٽي جو سربراهه چيف جسٽس قاسم خان، هو ۽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ جسٽس امير ڀٽي، جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان، جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا. ياد رهي ته 4 ڊسمبر 2018 تي احستاب عدالت جي جج ارشد ملڪ العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ نواز شريف کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جنهن بعد جج جي مبينه ٽيپ سامهون آئي هئي ته هن نواز شريف کي سزا دٻاءَ ۾ ٻڌائي ۽ سندس ضمير مطمئن ناهي. جج ڪيس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف خاندان سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ نواز شريف جي پٽن پاران کيس پيسن جي آڇ ڪرڻ جون خبرون سامهون آيون هيون. جج انهن الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو