شیئر کریں ريل گاڏي ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر 19 سک ياتري فوت 8 زخمي 03/07/202003/07/2020 شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ ريل گاڏي شاهه حسين ايڪسپريس ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 19 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا آهن. ڪوسٽر ۾ سک ياتري هئا جيڪي مقدس مقام جي زيارت لاءِ شيخوپوره وڃي رهيا هئا. ريلوي ترجمان موجب ريسڪيو آپريشن جاري آهي. شیئر کریں