گڏيل قومن جي گاڏي ۾ سيڪس ڪندڙ ملازم معطل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اقوام متحده جي گاڏي ۾ سيڪس ڪندڙن جي وائرل ٿيل ويڊيو بعد گڏيل قومن جي سيڪريٽري واسطيدار عملي جي ملازمن کي بنا پگهار معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. گڏيل قومن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آس پاس جي علائقي جي عمارتن کي ڏسندي جاچ ڪئي وئي ته اها ويڊيو اسرائيل جي شهر تل ابيب جي سامونڊي ڪناري لڳ رڪارڊ ڪئي وئي هئي. 18 سيڪنڊن جي اها ويڊيو گذريل مهيني جي آخر ۾ وائرل ٿي جنهن ۾ هڪ ڇوڪري پوئين سيٽ تي ويٺل مرد جي جهول ۾ ويهي جنسي عمل ڪري رهي آهي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق جڏهن ترجمان کان پڇو ويو ته ڇا اهو جنسي عمل رضا مندي سان ڪيو ويو هو يا پئسن سبب ته هن چيو ته ان سميت ڪافي سوالن جي جاچ هلي پئي. ياد هي ته گڏيل قومن جي ملازمن جبري سيڪس جا واقعا وڌي رهيا آهن جن تي سيڪريٽري جنرل ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو