وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 3 ماڻهو ۽ سوين ڍور فوت

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو )ٿرپارڪر ۾ سانوڻي جي پهرين وسڪاري دوران هڪ ئي ڏينهن وڄون ڪرڻ سبب 3ڄڻا فوت ۽ چار ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته مختلف هنڌن تي کنوڻيون ڪرڻ سبب درجنين ڍور پڻ مري ويا آهن. تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ پٻوپل ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 15 سالن جو ڪيول ڪولهي فوت ٿي ويو، تعلقي مٺي جي ڳوٺ ويري ڌانڌل ۾ گهر تي وڄ ڪرڻ سبب 13 سالن جو نينگر دليپ ٺاڪر فوت ٿي ويو ۽ تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ راهب واري ۾ وڄ ڪرڻ سبب 50سالا سفوران لنڊ فوت ٿي ويئي، ساڳي ڳوٺ ۾ محمد بخش لنڊ جون 18 ٻڪريون وڄ ڪرڻ سبب مري ويون آهن.

Photo Sindhyar

ان کانسواءِ ڏيپلي شھر جي سرهول پاڙي ۾ وڄ ڪرڻ سبب ھڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا هڪ مرد ڀمرو پڻ بيهوش ٿي ويو جن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھوڏانهن ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ ڪونا ويرو ۾ پورهيت کيمون سوٽهڙ جي مال جي واڙي تي وڄ ڪرڻ سبب 2 سو کان مٿي ٻڪريون مري ويون انکان سواءِ ٿر جي مختلف علائقن ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترن ئي جاين تي کنوڻ ڪرڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آھن جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ وڻ ۽ ٻي جهنگلي جيوت جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آھي.

Photo Sindhyar

جيڪو ٿر ڊزرٽ ۽ جنگلات سبب رپورٽ ٿي نه سگهيو آھي. ياد رهي ته گذريل سال به ٿرپارڪر ۾ وڄن ڪرڻ جا ڪيترئي واقعا ٿيا جنهن سبب 32 انساني جانيون ضايع ٿيون هيون ۽ لڳ ڀڳ 1500 ڍور جنهن ۾ اٺ ڍڳيون ٻڪريون ۽ رڍون شامل هيون. انهي کان علاوه وڻ پکي ۽ ٻي جهنگلي جيوت جو به سون جي تعداد ۾ نقصان ٿيو جيڪو رپورٽ نه ٿي سگهيو.

ٿرپارڪر جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته ٿرپارڪر جي نالي تي سرڪار ۽ اين جي اوز وارن اربين روپيا لٽيا آھن جيڪڏهن آسماني بجلي جي بچاءَ واريون اينٽينائون( ٽامي يا لوهه جي سيخون)  ٿرين کي لڳائي ڏنيون وڃن يا 30/35 ڪلو ميٽر تائين آسماني بجلي کي ڇڪي ناڪاره ڪرڻ وارا ٽاور مختلف هنڌن تي نصب ڪيا .هنن مطالبو ڪيو ته  گذريل سال کان ٿرپارڪر ۾ وڄون ڪرڻ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي جنهن جي وجه معلوم ڪرڻ لاء لاڳاپيل ادارن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته ٿرپارڪر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آھي ۽ انهي جي بچاءَ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 3 ماڻهو ۽ سوين ڍور فوت” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو