ننڍي عمر ۾ موت جي سزا جو قيدي 21 سالن بعد آزاد

لاهور (ويب ڊيسڪ)خون جي ڪيس ۾ 21 سالن کان موت جي سزا ڀوڳيندڙ ننڍي عمر جي جوابدار کي لاهور هاءِ ڪورٽ آزاد ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس پروجيڪٽ پاڪستان (جي پي پي) نالي غير سرڪاري تنظيم جيڪا غريب قيدين کي مفت قانوني مدد گراهم ڪندي آهي تنهن ٻڌايو آهي ته محمد اقبال 17 سالن جي عمر ۾ گرفتار ٿيو ۽ بعد کيس موت جي سزا ملي.

1998 کان هو جيل ۾ هو۽ ان وچ ۾ 2001 ۾ جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس هيٺ ننڍي عمر ۾ موت جي سزا جي معافي واري اعلان باوجود هن کي فائدو نه مليو هو. سندس ڪيس جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ آيو ته عدالت 21 سال قيد ڪاٽيندڙ محمد اقبال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو