اسٽاڪ حملو ناڪام بڻائيندڙ سنڌي نوجوان اهلڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملو ناڪام بڻائيندڙ ريپڊ ريسپانس جي سپاهين ۾ ٻن جوانن رفيق سومرو ۽ خليل جتوئي کي اعليٰ پوليس عملدارن شاباشي ڏني آهي. بظاهر ڪمزرو نظر ايندڙ ٻنهي جوانن انتهائي بهادري جو مظاهرو ڪندي حملي آورن جو مقابلو ڪيو ۽ 8 منٽن ۾ کين ختم ڪري وڏي تباهي ۽ نقصان کان بچائي ورتو. رفيق سومرو جو تعلق عمر ڪوٽ ۽ خليل جتوئي جو ڄامشورو سان آهي. سوشل ميڊيا تي کين ڀرپور داد پيش ڪيو پيو وڃي. سندن بروقت ڪاروائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو واقعي ريپڊ ريسپانس فورس وارا ئي آهن. سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن انهن بهادر نوجوانن کي انعام ۽ تمغا ڏيڻ تي به زور ڏنو آهي. ڪجهه صارف قومي ميڊيا تي تنقيد به ڪري رهيا آهن ته هو رڳو رفيق ۽ خليل ڇو ٿي سڏي انهن جي سنڌي ذات واري سڃاڻپ لڪائي بدديانتي ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو